شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش نيب گردي نه، پر دهشتگردي آهي احسن اقبال

لاهور : 2018ع جي چونڊن کانپوءِ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٻيهر اچي وئي، پنجاب ۾ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ هارس ٽريڊنگ ذريعي اڪثريتي جماعت نواز ليگ کي حڪومت ۾ اچڻ نه ڏنو ويو، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته شهباز شريف کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش نيب گردي نه، پر دهشتگردي آهي، نواز ليگ اڳواڻ خلاف نيب گردي جي انتها ٿي وئي، گلگت بلستان ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ بعد حڪومت من پسند ماڻهن کي آڻڻ لاءِ اپوزيشن جا هٿ پير ٻڌڻ گهري ٿي، شهباز شريف جي گرفتاري جو مطلب گلگت بلستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو آغاز آهي، عمران نيازي کي 2018ع جي چونڊن واري راند گلگت بلستان جي چونڊن ۾ کيڏڻ نه ڏني ويندي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران احسن اقبال چيو ته نواز ليگ کي ڪير به ٽوڙي نٿو سگهي، اي پي سي کي نواز شريف جي خطاب ۾ ليگي ڪارڪنن جي ترجماني ٿي آهي، نواز شريف جو هر جملو پارٽي لاءِ اهميت رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔