ڀارت ۾ تڪراري زراعت بل تي هارين جو ملڪ گير احتجاج

نئين دهلي: ڀارت ۾ هزارين هارين اناج  جي خريداري بابت تڪراري قانون سازي خلاف احتجاج ۾ روڊن ۽ ريلوي پٽڙين کي بند ڪيو ويو .

احتجاج ڪندڙن جي دعوا هئي ته هاڻوڪي قانون سازي سان حڪومت ضمانت ڏنل قيمتن تي اناج جي خريداري نه ٿي ڪري سگهي ۽ اهي خانگي خريدارن جي رحم ۽ ڪرم تي رهجي ويندا .

وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت تڪراري بل جو دفاع ڪيو آهي جيڪو تازو ئي پارليامينٽ مان منظور ٿيو آهي

حڪومت پاران دعوا ڪئي پئي وڃي ته سڌارن وسيلي زراعت واري شعبي کي قديم قانونن مان نجات ملندي ۽ هارين کي والمارٽ جهڙي وڏي ريزڪي وڪرو ڪندڙن کي وڪرو ڪرڻ جي اجازت هوندي .

حڪومت جي ضد آهي ته نئين قاعدن سان هارين کي پنهنجي شين کي خانگي خريدارن کي وڪرو ڪرڻ جو اختيار هوندو جڏهن ته اها چانور ۽ ڪڻڪ کي ضمانتي قيمتن تي خريد ڪندي .

نريندر مودي کي هارين جي تمام وڏي احتجاج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ،ٽين سڀ کان وڏي آبادي واري رياست بهار ۾ اسيمبلي جون چونڊون ٿيڻ ۾ ڪجهه هفتا باقي آهن .

ڀارت ۾ هارين جي تنظيمن پاران ملڪ گيراحتجاج جاري آهن ، نئين دهلي تائين ويندڙ شاهراهن کي بند ڪيو ويو آهي

حڪومت جي کنيل قدمن خلاف پنجاب ، هريانا ، اتر پرديش، اوڀارين رياستن اڊيشآ ۽ الهندي بنگال ۾ هاري سراپا احتجاج آهن .

مختلف رياستن ۾ پوليس خاص طور تي نئين دهلي جي آس پاس ڪنهن به طرح جي تشدد کي روڪڻ لاءِ سڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔