ڀارت ۾ سنڌ جي 11 هندن جي قتل واري واقعي خلاف اسلام آباد ۾ هندو برادري جو ڌرڻو ختم

اسلام آباد : ڀارتي شهر جوڌپور ۾ سنڌ سان واسطو رکندڙ 11 ڀاتين جي قتل واري واقعي خلاف اسلام آباد ۾ ڊپلوميٽڪ انڪليو وٽ لڳل هندو برادري جو ڌرڻو ختم ٿي ويو. مظاهرين مطالبن تي ٻڌل يادداشتنامو ڀارتي هاءِ ڪميشن جِي آفيس تي لڳائي ڇڏيو، هندو ڪائونسل جي سربراهه رميش ڪمار چيو آهي ته اسان پُرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، متاثر خاندانن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ وفاقي سرڪار ڀرپور ڪردار ادا ڪري، وفاقي وزير فواد چوڌري ڌرڻي ۾ موجود هندو برادري جي ماڻهن سان ڳالهين بعد چيو هو ته واقعي جي ذميوارن کي منقطي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وڌايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔