72 سالن کان ڪشمير تي قابض ڀارت پاڪستان سان ڇڪتاڻ وڌائي رهيو آهي:وزيراعظم عمران خان جو جنرل اسيمبلي ۾ خطاب

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته 72 سالن کان ڪشمير تي قابض ڀارت پاڪستان سان ڇڪتاڻ وڌائي رهيو آهي، ڀارت هڪ خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، ڀارت ڪو به مِس ايڊوينچر ڪيو ته آخري حد تائين وڙهنداسين. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ هڪ فاسٽ فليگ آپريشن ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽائَي سگهَي، جيڪڏهن ڀارت اهڙو ڪو به قدم کنيو ته مقابلو ڪنداسين ۽ ڀرپور جواب ڏينداسين، عمران خان چيو ته نَيُن مخالف طاقتن وچ ۾ هٿيارن جِي ڊوڙ هلي رهي آهي، عالمي معاهدن جا بَکيا اُڊيڙيا پيا وڃن، پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو، اسان جِي پرڏيهي پاليسي جو مقصد پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا ۽ مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔