اپوزيشن جِي ايجنڊا حڪومت ۽ فوج کي ويڙهائڻ آهي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن جِي ايجنڊا حڪومت ۽ فوج کي ويڙهائڻ آهي، نوازشريف امير المومنين بڻجي ادارن کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو، نوازشريف چاهي ٿو ته، نه کيڏندس ۽ نه ئي کيڏڻ ڏيندس، هُو اِهو سڀ ڪجهه ڏيهه واپس اچڻ لاءِ ڪري رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن استعيفيٰ ڏئي ننڍي چونڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، اپوزيشن هڪ سيٽ به نه کٽيندي، پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ ٻئي جماعتون اسٽيبلشمينٽ جون پيداوار آهن. نوازشريف جِي تقرير اخلاقي طور نشر نه ٿيڻ گهرجي ها، فوج خلاف سندس تقرير تي ڀارت ۾ خوشي ملهائي وئي، مونکي فوجي قيادت جِي ملاقاتن جِي خبر هوندي آهي. نجي ٽي وي چيئنلز جَي ڊائريڪٽرز نيوز سان ملاقات دوران عمران خان چيو ته ڪابينا ميمبرن کي ذميواري جِي سمجهه ناهي، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجَي پاسَي گول ڪري ڇڏيندا آهن ۽ وزير بيان ڏيڻ وقت تجزيه نگار بڻجي ويندا آهن، اپوزيشن وٽ ماڻهو نه آهن، تنهنڪري هو مولانا فضل الرحمان کي گڏ کڻي هلندا آهن، مونکي اپوزيشن کان ڪو خطرو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔