ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب 30 سيپٽمبر تائين جاري رهڻ جو امڪان

ڪراچي : سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽ حيسڪو طرفان اڻ اعلان لوڊشيڊنگ جو عذاب اڃان جاري آهي ۽ هن مهيني جي آخر تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي ، ڪراچي جي لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري، ڪياماڙي ۽ ٻين علائقن ۾ اڄ به بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي ، 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوشيڊنگ شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، جيڪب آباد، ميرپور خاص، ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز، سانگهڙ ، شڪارپور ، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ 8 کان 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ سبب ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو ، تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿيڻ لڳي ، اسپتالن ۾ ايمرجنسي ۾ ٿيندڙ آپريشنون ملتوي ڪيون ويون ..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔