سونو نگم، سجاد علي کي پنهنجو پسنديده گلوڪار ۽ بهترين انسان قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي : ڀارت جي مشهور ڳائڻي سونو نگم پاڪستاني گلوڪار سجاد علي کي پنهنجو پسنديده گلوڪار قرار ڏيندي ان سان گڏ گهاريل خوشگوار لمحن جون ڪجهه تصويرون به جاري ڪيون آهن.
سونو نگم انسٽاگرام تي سجاد علي سان گڏ ڪجهه تصويرون جاري ڪيون ۽ انهن جو پس منظر ٻڌائيندي چيو ته اهي تصويرون 19 مارچ تي ورتيون ويون هيون، جڏهن عديل فاروق اسان کي عاطف علي جي اسٽوڊيو جي جائزي لاءِ وٺي ويو هو، اتفاق سان اتي احترام لائق گلوڪار ۽ موسيقار منهنجو سڀ کان پسنديده ادو سجاد علي به پنهنجي پٽ سان گڏ موجود هو.
ڀارتي ڳائڻي پاڪستاني گلوڪار جي تعريف ڪندي چيو ته مون کي سجاد علي جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ته هو اتي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو ته جيئن اسان پهرين ملاقات ڪري سگهون، اسان اتي ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڪچهري ڪئي، مان ان شام جون ڪجهه يادگار تصويرون توهان سان شيئر ٿو ڪيان.
هن سجاد علي جي پنجابي گيتي ”ڪٽنا نئي“ کي پنهنجي فيملي جو سڀ کان پسنديده گيت قرار ڏيندي چيو ته ان کي منهنجي ڀيڻ تيشا نگم به پنهنجي انداز ۾ ڳايو، ان کان اڳ مان احترام طور اجازت لاءِ ادي سجاد کي فون ڪئي، سجاد علي نه رڳو اسان کي ان جي اجازت ڏني پر ڪو معاوضو به نه ورتو، ان کي حقيقي ٿورو چوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔