ماڊل ايان علي پنهنجي آمدني جو پنجاهه سيڪڙو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: ماڊل ايان علي پنهنجي آمدني جو 50 سيڪڙو حصو فلاحي ڪمن جي لاءِ خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايان علي چيو آهي ته پنهنجي ڊيبيو البم ۽ سمورن پروجيڪٽس جو 50 سيڪڙو منافعو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪندس. هن چيو ته عورتن ۽ ٻارن جي فلاح لاءِ ڪم ڪري رهي آهيان.هميشه سوچيو ته دنيا ۾ بهتري جي لاءِ ڇا ڪري سگهان ٿي. ياد رهي ته 2010 ۾ تيزي سان اڀرندڙ ماڊل ايان علي فلاحي ڪمن جي لاءِ اين جي او به ٺاهي آهي.ماڊل ايان علي 2015 ۾ پاڪستاني ميڊيا تي ان وقت خبرن جي زينت بڻجي جڏهن کيس پرڏيهه ويندي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو ۽ ان مٿان مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔