عمر گل ۽ عمران فرحت رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: قومي ڪرڪيٽرن عمران فرحت ۽ عمر گل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ٻئي ڪرڪيٽر نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ بلوچستان طرفان کيڏي رهيا آهن ۽ جلد باضابطا طور رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندا.
اوپننگ بيٽسمين عمران فرحت خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته مان گذريل سيزن ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته منهنجو ايندڙ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن آخري هوندو.
40 ٽيسٽ، 58 ون ڊي ۽ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ عمران فرحت چيو ته مان هاڻ ڪوچنگ جي پيشي سان جڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خواهش آهي ته نوجوانن کي اڳتي آڻيان، ڪوچنگ جون آڇون اڳ کان ئي آهن پر مڪمل تياري سان ميدان ۾ اچڻ چاهيان ٿو.
هوڏانهن فاسٽ بالر عمر گل پڻ ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
عمر گل به صحافين سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته عالمي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٻنهي تان رٽائرمينٽ وٺي رهيو آهيان، نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران يا آخر ۾ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري سگهان ٿو.
47 ٽيسٽ، 130 ون ڊي ۽ 60 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ عمر گل پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو ميمبر آهي ۽ اهو به هاڻ ڪوچنگ ڪرڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔