تعليم واري وزير طرفان لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز جا دورا ،ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

لاڙڪاڻو : لاڙڪاڻي پهتل تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني طرفان سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز جا دورا ڪيا ويا ،ان موقعي تي استادن جي دير سان پهچڻ ۽ شاگردن ۾ سماجي وٿيءَ سوڌو ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، لاڙڪاڻي جي تعليمي ادارن ۾ ڊيسڪ تي هڪ بدران 2-2 شاگرد ويٺل نظر آيا، دورن دوران سعيد غني شاگردن سان به ايس او پيز بابت ڪچهري ڪئي، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته افسوس آهي جو ڪيترن ئي سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي، ٻارن جي صحت سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، اُن جو ڀرپور نموني خيال رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔