العزيزيه ريفرنس: نوازشريف کي مليل سزا جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.

جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني اپيلن تي ٻڌڻي ڪندو. عدالت العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري رکيا آهن.

نوازشريف جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت طرفان کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو امڪان آهي. اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي درخواست ۾ موقف اپنايو آهي ته عدالت ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ختم ڪري نمائندي جي ذريعي اپيل ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏئي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف طبي بنيادن تي طلبي جو حڪم واپس وٺڻ جي استدعا به ڪئي آهي. نوازشريف جي طرفان داخل درخواست سان گڏ سموريون ميڊيڪل رپورٽون به لڳايون ويون آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهرين سيپٽمبر تي حڪم ڏنو هو ته اڳوڻي وزيراعظم العزيزيه ريفرنس ۾ عدالت جي سامهون سرنڊر ڪري.

عدالت وفاقي حڪومت کي به هدايت ڪئي هئي ته 10 سيپٽمبر تائين نوازشريف بابت سمورو رڪارڊ جمع ڪرايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔