سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 6 مهينن کانپوءِ تعليمي ادارا ٻيهر کُلي ويا

ڪراچي: سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ کان تعليمي ادارا کُلي ويا، پهرين مرحلي ۾ اڄ نائين، ڏهين جا ڪلاسز شروع ٿي ويا، ڪاليجز توڙي يونيورسٽيز به کلڻ شروع، 21 سيپٽمبر کان ڇَهَين کان اٺَين جون ڪلاسز شروع ٿي ويندا، نرسري کان پنجين جماعت جون ڪلاسز 28 سيپٽمبر کان شروع ٿينديون، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جن اسڪولز ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ٿيو ته اهُي ٻيهر بند ڪرايا ويندا، ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون سبب بند ٿيل تعليمي ادارا ساڍن 6 مهينن کانپوءِ کلي ويا آهن، صبح کان اسڪولن، ڪاليجز توڙي يونيورسٽي ۾ استادن، شاگردن، شاگردياڻين توڙي ماسترياڻين جي حاضري گهٽ رهي، اسڪول ايندڙ استادن، شاگردن کي ماسڪ پائڻ جو پابند ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي تعليمي ادارن ۾ داخلا کان اڳ اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔