سنڌ حڪومت جي اعلان تحت اڄ کان صوبي ۾ شادي هالز به کلي ويا

ڪراچي ؛ سنڌ حڪومت جي اعلان تحت اڄ کان صوبي ۾ شادي هالز به کلي ويا آهن. ڪورونا ڪيسز گهٽ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت صوبي ۾ شادي هالز تان پابندي ختم ڪري ڇڏي، گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس او پيز تحت شادي هالز ۾ تقريبون ٿي سگهنديون. گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ ڪاروباري سرگرميون صبح 6 کان رات 8 وڳي تائين هونديون ۽ ڇنڇر جي رات 9 وڳي تائين دڪان کليل رهندا. گهروکاتي موجب ميڊيڪل اسٽورز ۽ ضروري شين جي دڪانن کي وقت جي پابندي لاڳو نه هوندي. ياد رهي ته ڪورونا وبا سبب سنڌ حڪومت شادي هالز ۾ تقريبن تي پابندي لڳائي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔