دوحا ۾ بين الافغان ڳالهين واري عمل جاري

قطر: دوحا ۾ بين الافغان ڳالهين جو عمل جاري آهي ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڳالهين ۾ ويڊيو ڪانفرنس وسيلي شريڪ آهي .

ذريعن موجب شاهه محمود قريشِي افغان ڌڙن وچ ۾ ڳالهين واري عمل بابت تقريب کي خطاب ڪندو .

ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تمام گهڻين ڪوششن وسيلي افغان امن عمل کي سولو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي .

انٽرا افغان ڳالهين جي شروعات جي آجيان  ڪندي هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان اهو ڏينهن اچي ويو آهي جنهن جو افغان عوام کي انتظار هو ، 40 سالن کان افغان عوام جهيڙن ۽ خون ريزي جي ورچڙهيل هو .

هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جاني ۽ مالي نقصان کنيو، شروع کان ئي منهنجو اهو موقف هو ته افغان مسئلي جو فوجي حل ناهي ، ان جو اڪيلو حل ڳالهين وسيلي سياسي ٺاهه آهي.

وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن لاءِ افغان مفاهمتي عمل جي ڪاميابي ضروري آهي ، سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته ڌريون وعدي کي پوريون ڪنديون ۽ گهربل نتيجن حاصل ٿيڻ تائين ٽِڪي رهنديون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔