ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هڪ هفتي دوران ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هڪ هفتي دوران ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي وئي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکن موجب 11 سيپٽمبر تي هڪ ئي ڏينهن دوران اسلام آباد ۾ 28 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڊي ايڇ او اسلام آباد ڊاڪٽر ضعيم چيو آهي ته ڪورونا ڪيس ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ سختي سان ڪارروائي جي شروعات ڪنداسين. ڊاڪٽر ضعيم چيو ته هوٽلن، هوم ڊليوريز، اي ٽي ايمز ۽ عوامي هنڌن تي جتي به ايس او پيز عمل نه ٿيندو هوندو ان جڳهه کي سيل ڪيو ويندو.

ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد حمزه شفقات به سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪيس وڌي رهيا آهن ان ڪري هاڻ ماسڪ پائڻ ۽ وٿي برقرار رکڻ تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. عوام کي درخواست آهي ته اهي تعاون ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔