نوازشريف کي واپس آڻڻ ۾ جلد ڪامياب ٿينداسين: شهزاد اڪبر

لاهور:  وزيراعظم جي احتساب بابت خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي لنڊن مان نوازشريف جي پاڪستان واپسي کي ممڪن بنايو پيو وڃي ان ۾ جلد ڪامياب ٿينداسين.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شهزاد اڪبر ٻڌايو ته برطانوي حڪومت سان صلاح مشورا جاري آهن. اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف غيرقانوني طريقي سان لنڊن ۾ ترسيل آهي کيس  پاڪستان واپس موڪليو ويندو.

شهزاد اڪبر ٻڌايو ته نوازشريف کي واپس آڻڻ ۾ ڪجهه قانوني رنڊڪون هيون، هاڻ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ صورتحال بهتر ٿي وئي آهي. هن چيو ته خدا جو شڪر آهي عمران خان جي اڳواڻي ۾ ملڪ صحيح رستي تي هلي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔