مسلم اقليت خلاف ڏوهن جو اعتراف، آنگ سان سوچي وڏي اعزاز کان محروم

برسلز: يورپي پارليامينٽ ميانمار جي عورت اڳواڻ آنگ سان سوچي کي سخاروف انعام کٽيندڙن جي فهرست مان ڪڍي ڇڏيو.
يورپي پارليامينٽ موجب اهو فيصلو سوچي جي ”ميانمار ۾ روهنگيا مسلم اقليت خلاف جاري ڏوهن کي قبولڻ“ جي ردعمل طور ڪيو ويو آهي.
آنگ سان سوچي لاءِ انساني حقن جي سخاروف انعام کي باضابطا طور رد ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته آنگ سان سوچي کي 1990 دوران برما ۾ جمهوريت لاءِ پرامن جدوجهد جي نتيجي ۾ اهڙي اعزاز سان نوازيو ويو هو.
ميانمار ۾ پناهگيرن کي شهري آزادي کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ ميانمار ۾ هن وقت به رهندڙ 6 لک روهنگيا مسلمانن جي شهريت ختم ڪئي وئي آهي.
آنگ سان سوچي جو سخاروف انعام جي مراعتن کان محروم ٿيڻ هڪ وڏي علامت آهي.
ان کان اڳ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ان کي رد ڪري ڇڏيو هو، خاص طور جڏهن هن پنهنجي ملڪ ۾ عورتن جي عزت سان هٿ چراند، ڀڃ ڊاهه ۽ اجتماعي قتل جي الزامن جو انصاف جي عالمي عدالت ۾ بچاءُ ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔