بحرين به اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪري ڇڏيا

واشنگٽن: گڏيل عرب امارتن کانپوءِ هڪ ٻئي عرب ملڪ بحرين به اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪري ڇڏيا.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اسرائيل ۽ بحران وچ ۾ ٿيندڙ ان تاريخي معاهدي جي حوالي سان ٻڌايو.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اڄ هڪ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، اسان جي ٻن عظيم دوستن اسرائيل ۽ بحرين امن معاهدي تي اتفاق ڪيو آهي، گذريل 30 ڏينهن ۾ اسرائيل سان امن معاهدو ڪندڙ بحرين ٻيو عرب ملڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔