ڏکڻ آفريڪي حڪومت، ڪرڪيٽ بورڊ ٽوڙي ڇڏيو

جوهانسبرگ : ڏکڻ آفريقي حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽوڙي سمورن معاملن جو ڪنٽرول پاڻ سنڀالي ورتو.
ڏکڻ آفريقا جي اسپورٽس ڪنفيڊريشن اينڊ اولمپڪس ڪميٽي (ايس اي ايس سي او سي) ڪرڪيٽ سائوٿ آفريقا کي هڪ مهيني لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي.
ايس اي ايس سي او سي جي قائم مقام چيف ايگزيڪيوٽو روي گوندر جو چوڻ آهي ته اهو انتهائي قدم ڪرڪيٽ سائوٿ آفريقا جي گورننس ۽ ناڪاري سوچ سبب کنيو ويو ته جيئن مستقبل ۾ بورڊ پنهنجي معاملن تي ڀرپور ڌيان ڏئي سگهي.
ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا ان وقت بحران جو شڪار ٿيا، جڏهن اداري جي ڪنڊڪٽ جي حوالي سان هڪ رپورٽ ڇپي ۽ ان رپورٽ جي بنياد تي آگسٽ ۾ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ٿابنگ مور کي مستعفي ڪيو ويو.
ٿابنگ مور کي برطرف ڪرڻ کان 9 مهينا اڳ به معطل ڪيو ويو هو پر بورڊ طرفان ان خبر کي پبلڪ نه ڪيو ويو.
روي گوندر موجب اسان بورڊ کي پاسي تي ٿيڻ جو چيو هو ته جيئن اسان بورڊ جي معاملن جي سار سنڀال لاءِ هڪ ٽيم جوڙيون، جيڪا هڪ مهيني ۾ اسان کي رپورٽ ڪري.
ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ بورڊ گورننس جي معاملن تي اسپانسرز طرفان سخت تنقيد جو منهن ڏٺو ۽ گذريل هفتي ڏکڻ آفريقا جي مرد ۽ عورت ڪرڪيٽ ٽيمن جي 30 رانديگرن طرفان 5 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا جي سالياني جنرل اجلاس کي ملتوي ڪرڻ لاءِ باقاعدي خط لکيو ويو.
حڪومت جي مداخلت سبب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم تي پابندي لاڳو ڪري سگهي ٿي پر روي گوندر موجب آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا کي معطل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، پراعتماد آهيون ته اسان جو فيصلو قانوني آهي ۽ آءِ سي سي ان کي تسليم ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔