ملڪ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهان ٿي: عائشه عمر

اداڪارا عائشا عمر چيو آهي ته هوءَ سڄي دنيا ۾ رات جو هڪ وڳي به گھر کان ٻاهر نڪري ته پاڻ کي محفوظ تصوير ڪندي آهي پر سندس ملڪ ۾ ائين نه آهي.
عائشا عمر جو اهو بيان پنجاب پوليس جي آفيسر ۽ سي سي پي او لاهور جي عهدي تي موجود عمر شيخ جي هڪ ٽي وي بيان کان پوءِ سامهون آيو جنهن ۾ هن موٽر وي تي گجرپور ۾ زيادتي جو شڪار ٿيل عورت کي ئي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو.
سي سي پي او لاهور جو چوڻ هو ته عورت کي رات 3 وڳي اڪيلو ٽن ٻارن سان گڏ گھر کان ٻاهر نه نڪرڻ گھرجي ها ۽ جيڪڏهن هوءَ نڪتي به ته کيس موٽر وي تي سفر نه ڪرڻ گھرجي ها.
ان بيان کان پوءِ کيس مختلف حلقن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
اداڪارا عائشا عمر به ان حوالي سان هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن ڪنهن عورت کي هنگامي حالت ۾ رات جو گھر کان ٻاهر نڪرڻو پوي. ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن ان عورت جي فيملي کي ايمرجنسي طبي امداد جي ضرورت هوندي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔