تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان مرحيليوار کوليا ويندا: سعيد غني

ڪراچي : تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان مرحيليوار کوليا ويندا. ڪورنا گهٽ ٿيو آهي پر ختم ناهي ٿيو، ٿي سگهي ٿو ٻيهر پکڙجي وڃي. تعليمي ادار تبديل ٿيل ۽ غير معمولي حالتن ۾ کلي رهيا آهن. سعيد غني چيو ته سڀني جي ذميواري آهي ته حڪومت ۽ ٽرانسپورٽرن تي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ والدين جو ڪردار اهم آهي. ميڊيا جي ذريعي آگاهي جا اشتهار هلائينداسين وفاقي حڪومت به منصوبو جوڙيو آهي. صوبائي وزير چيو ته اسڪول کولڻ سمورن ڪاروبارن کولڻ کان وڌيڪ حساس آهن. زبردستي جي ڳاله ناهي والدين مطمعن ٿين ته ٻارن کي اسڪول موڪلين ۽ آن لائين ڪلاس به ڏياري سگهن ٿا. هن چيو ته اسڪولن تي اهو فيصلو ڇڏيو آهي ته اهي شاگردن کي عمل ڪرائن. ڇنڇر واري ڏينهن موڪل ختم ڪئي آهي هڪ ڏينهن هڪڙو ڪلاس ٻئي ڏينهن ٻئي درجي جي شاگردن کي گهرايو وڃي. سعيد غني چيو ته پنج هزار استادن کي تربيت ڏني، پاڻي، صابڻ، سينيٽائيزر يونيسيف 11 ضلعن ۾ ۽ ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن 4800 اسڪولن ۾ ان قسم جون شيون فراهم ڪندا. اسڪول ايس ايم ايز فنڊز مان به اسڪول سامان خريدي سگهي ٿي.فوڪل پرسن مقرر ڪري ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ ڪميٽيون قائم ڪيون آهن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن جو پاڻ دورو ڪنداسين، صوبائي مانيٽرنگ ڪاميٽي ڊي جي جي سربراهي ۾ ٺاهي آهي. ڊي سي، اي سي ۽ ايڊمنسٽريٽرز به مدد ڪندا. هن ڀيري سياري جون موڪلون نه ٿينديون ۽ جولاء جو هڪ مهينو گرمي جون موڪلون هونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔