ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ گولي جو آرڊر

سيئول :اتر ڪوريا جي حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ گولي هڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي فورسز جي ڪمانڊر دعويٰ ڪئي آهي ته اتر ڪوريا جي اختيارين ملڪ ۾ چين کان ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب چين مان پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جتي سڄي دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، اتي ئي اتر ڪوريا ۾ عالمي وبا جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو پر اختياريون ملڪ ۾ پٺ تي پيل صحت جي نظام سبب فوجي طاقت ذريعي وائرس روڪڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اتر ڪوريا وائرس جي روڪٿام لاءِ جنوري ۾ ئي چين کان گڏجندڙ سرحد کي بند ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته جولاءِ ۾ سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ايمرجنسي به لاڳو ڪئي وئي هئي.
هڪ آن لائن ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي فورسز جي ڪمانڊر رابرٽ ابرامس جو چوڻ هو ته بارڊر جي بندش شين جي سمگلنگ ۾ واڌ ڪئي هئي، اتر ڪوريا چين سان گڏجندڙ سرحد تي هڪ کان ٻه ڪلو ميٽر جي علائقي ۾ بفرزون قائم ڪيو آهي، اتر ڪوريا ان علائقي ۾ اسپيشل آپريشنز فورسز کي مقرر ڪيو آهي ۽ فورسز کي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔