سنڌ کي حق نه مليا ته اسان کي اسلام آباد جو رستو ڏٺل آهي: بلاول ڀٽو زرداري

بدين : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پي ٽي آءِ سرڪار کي خبردار ڪري ڇڏيو، بدين ۾ ميڙاڪَي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته سنڌ کي حق نه مليا ته اسان کي اسلام آباد جو رستو ڏٺل آهي ۽ اسلام آباد اچي پنهنجا حق کسَي وٺنداسين. بلاول چيو ته عمران خان سنڌ جَي برسات متاثرن جِي مدد ڪرڻ ته ٺهيو پر همدردي جو اظهار به ناهي ڪيو، پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ جو عوام ٻڏي ويو پر وفاقي وزير چون پيا ته 300 رپيا به نه ڏينداسين، وفاقي سرڪار ناڪام ٿي چڪي آهي، بلاول چيو ته بدين جي سليڪٽيڊ وزير جي تڪ جَي عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. پ پ چيئرمين وفاقي حڪومت کان سنڌ ۾ زرعي ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن، سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته سنڌ جو پيسو سنڌ جَي عوام کي ڏنو وڃي، هاڻي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برداشت نه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔