افغان اختيارين جي قيادت ۾ امن عمل خطي لاءِ فائديمند آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان اختيارين جي قيادت ۾ امن عمل خطي لاءِ فائديمند آهي، ڌرين کي چئلينجز جو مقابلو ڪري مضوط رهڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ ڳالهين واري عمل جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هن پهريان ئي چيو هو ته افغان مسئلي جو فوج حل ناهي، هن ڏينهن جو افغانستان کي عرصي کان انتظار هو، پاڪستان به افغان تڪرار جو نقصان ڀوڳيو آهي وزيراعظم عمران خان افغان عوام سان حمايت ۽ ٻڌي جو اظهار ڪندي چيو ته هن کي پنهنجي حصي جي ذميواري نڀائڻ تي کيس خوشي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته افغان اختيارين جي قيادت ۾ امن عمل خطي لاءِ فائديمند آهي، ڌرين کي چئلينجز جو مقابلو ڪري مضوط رهڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔