صدر عارف علوي، مراد علي شاهه ۽ عمران اسماعيل جي قائد اعظم جي مزار تي حاضري

ڪراچي: پاڪستان جي باني جي 72هين ورسي جي موقعي تي ملڪ جي صدر عارف علوي عوام کي چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جي فرمانن تي عمل پيرا ٿي ئي هڪ ڪامياب قوم بڻجي سگهون ٿا.

ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن اڄ قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.

ان کان سواءِ ڪيترن ئي تعليمي ادارن سان گڏوگڏ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن به ان ڏينهن جي ياد ۾ پروگرام رٿيا.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ قائد اعظم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ملڪ جي صدر جو چوڻ هو ته جهڙي ريت اسان جي قوم ڪورونا وائرس کي شڪست ڏني آهي هي اسان جي عزم جو ثبوت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هي پاڪستان جي لاءِ سٺي ڪاميابي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ ۽ انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن مان ٻيون قومون به سکي سگهن ٿيون.

ملڪ جي صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي اُها قوم بڻجون جنهن جو قائد اعظم تصور ڪيو هو ته اسان جي پٺيان رهجڻ جو ڪو به سبب باقي نه رهندو.

ٻئي پاسي تعليم واري وزير شفقت محمود به ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي.

صدر عارف علوي کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي قائد اعظم جي اصولن لاءِ پنهنجي عزم جي واڌ جي ضرورت آهي.

مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي ۽ پاڪستان کي اهڙي جاءِ بڻائڻو پوندو جتي ماڻهو پاڪستان جي باني جي تصور موجب آزادي ۽ عزت سان رهن.

هڪ ويڊيو پيغام ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته اسان جي لاءِ ڏاڍو ضروري آهي ته اسان پاڪستان جي باني جي آزاد ملڪ جي تصور جي تجديدي ڪيون.

هن وڌيڪ چيو ته اسان هي پاڪستان هڪ آزاد ملڪ بڻايو هو جتي انصاف هوندو، جيڪو ذات ۽ مذهب کي سڀني شين کان مٿي ٿي انسانيت جي لاءِ هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔