نائين اليون سانحي کي 19 سال ٿي ويا

نيويارڪ: نائين اليون، هڪ اهڙو ڏينهن جڏهن آمريڪا ۾ موجود دنيا جي بلند ترين عمارت کي اغوا ڪيل ٻن جهازن سان ٽڪرايو ويو ، سانحي ۾ 3 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا  پر هن حملي جي آڙ ۾ شروع ڪيل جنگ دنيا تي نه مٽجندڙ اثر ڇڏيا آهن.

11 سيپٽمبر 2001 ۾ آمريڪا ۾ آفت ٽٽي هئي ، جڏهن صبح جو اٺ وڄي ڇائيتاليهه منٽن تي نيويارڪ ۾ موجود دنيا جي بلند ترين عمارت ورلڊ ٽريڊ ٽاور سينٽر کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو ، ٻن اغوا ڪيل جهازن کي هڪ ٻئي پويان عمارت سان ٽڪرايو  ويو .

سانحي ۾ 3 هزار مقامي ۽ غيرملڪي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا ،6 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن ته 10 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو .

واقعي کانپوءِ فوري طور تي سڄي دنيا ۾ ڳڻتي جي لهر ڊوڙائي وئي ۽ مسلمانن خلاف نفرت جي لهر به محسوس ڪئي وئي .

حادثِي واري جاءِ تي قائم گرائونڊ زيرو ۽ اتان ٺاهيل ميوزيم هر سال آمريڪين کي ان سانحي جي ياد ڏياريندو رهندو ، جنهن نه رڳو آمريڪا پر پوري دنيا کي دهشتگردي جي خلاف جنگ جي ان باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔