بلديا فيڪٽري سانحي کي 8 گذري ويا ،متاثر اڄ به انصاف جي اوسئيڙي ۾

ڪراچي: ڪراچي ۾ بلديا فيڪٽري سانحي کي 8 سال گذري ويا آهن پر متاثر اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن .

بلديا ٽائون ۾ موجود گارمينٽس فيڪٽري ۾ لڳل خوفناڪ باهه ۾ 260 ماڻهو جيئري ئي سڙي ويا  هئا .

بلديا ٽائون ۾ حب ريور روڊ تي  واقعي گارمينٽس فيڪٽري علي انٽر پرائزز ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي 11 سيپٽمبر2012  تي باهه ڏني وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪم ڪندڙ 260 ماڻهن جيئري ئي سڙي ڪوئلو ٿي ويا هئا .

فيڪٽري ٻاهران موجود بي وسي جي تصوير بڻيل انهن جا وارث پنهنجي پيارن جون رڙيون ٻڌي به ڪجهه نه پئي ڪري سگهيا ۽ پنهنجي پيارن کي باهه ۾ جيئرو ئي سڙندو ڏسندا رهيا.

هر يارهين سيپٽمبر تي اهي سڀئي زخمي وري تازا ٿي وڃن ٿا ،دهشتگردي ٽوڙ عدالت 3 سال 7 مهينن کانپوءِ ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو 17 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔