باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي وڇوڙي کي 72 سال گذري ويا

اسلام آباد: باباءِ قوم ۽ پاڪستان جي پهرين گونرجنرل قائداعظم محمدعلي جناح جي اڄ 72 هين ورسي ملهائي ويندي.

قائداعظم محمد علي جناح 25 سيپٽمبر 1876 تي پيدا ٿيو، پاڻ شروعاتي تعليم ڪراچي مان حاصل ڪئي ۽ اعليٰ تعليم ڪاڻ ٻاهرين ملڪ ويو هليو.

قائد اعظم جي قيادت ۾ مسلمانن هڪ الڳ ملڪ جي لاءِ جدوجهد ڪئي، قيام پاڪستان جي صرف هڪ سال کانپوءِ هو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

قائداعظم جي ورسي جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ خاص تقريبون ٿينديون جن ۾ هن جي خدمتن تي روشني وڌي ويندي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔