بيروت ۾ بدترين ڌماڪي کان پوءِ هڪ ٻيو واقعو

بيروت: لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ ڪيترن جانين جي ضايع جو سبب بڻجندڙ بدترين ڌماڪي جي هڪ مهيني کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر خوفناڪ باهه ڀڙڪي پئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بيروت پورٽ ۾ باهه سان شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو.
ڌماڪي جا سبب فوري طور تي واضح ناهن ٿي سگهيا جڏهن ته گذريل مهيني امونيم نائٽريٽ ۽ ڌماڪي واري مواد جي گودام ۾ ڌماڪو ٿيو هو جنهن سان لڳ ڀڳ 200 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هزارين زخمي ٿي پيا هئا.
رپورٽ موجب بيروت ۾ منجهند جي وقت باهه لڳي، شعلا بلند ٿيا ۽ دونهين سڄي بيروت کي وڪوڙي ورتو تنهن هوندي امدادي ڪارڪنن ۽ فائر فائٽرز فوري طور تي واقعي پهچي ويا.
باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ سول انتظاميا سان گڏوگڏ فوجي هيليڪاپٽر به حصو ورتو.
لبنان جي فوج طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته باهه هڪ گودام ۾ لڳي جتي تيل ۽ ٽائر رکيل هئا ۽ هي علائقو ڊيوٽي فري هو.
بيان ۾ چيو ويو ته باهه تي ضابطي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته واقعي جي وقت اسان پنهنجي گهر ۾ کڙيون کولي ڪوريڊور ۾ ويٺا آهيون ۽ هاڻ به زلزلي محسوس پيو ٿئي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ ويڊيو ۾ پورٽ ۾ باهه لڳندي ئي مزدورن کي خوف وچان ڀڄندي ڏيکاريو ويو آهي.
واقعي واري هنڌ ڀرسان مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن ٽريفڪ کي ٻئي طرف منتقل ڪيو.
لبنان جي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته باهه ٽائرن جي گودام ۾ لڳي جنهن کي وسائڻ لاءِ فائر فائٽرز مصروف آهن.
بيروت جي گورنر مروان عبود ۽ ٻين اختيارين شهرين کان پورٽ ڏانهن ويندڙ رستن کان پري رهڻ جي اپيل ڪئي جيئن امدادي ڪمن ۾ رنڊڪون پيش نه اچن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔