ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا وائرس بابت ڪوڙ ڳالهائڻ جو اعتراف ڪري ورتو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هن عالمي وبا ڪورونا جي شروعات ۾ وائرس جي خطري جي سنجيدگي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صحافي باب وڊورڊ کي سندس ڪتاب لاءِ مختلف انٽرويوز ڏنا، گذريل ڏينهن آمريڪي ميڊيا جي ڪجهه حلقن ان جا ڪجهه حصا جاري ڪيا جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هن عالمي وبا ڪورونا وائرس جي شروعات ۾ وائرس جي خطري جي سنجيدگي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
صدر ٽرمپ چيو ته ڪورونا وائرس فلو کان وڌيڪ خطرناڪ آهي ۽ هي هوا جي ذريعي پکڙجندو آهي جڏهن ته هو ان بيماري جي شدت جا باري ۾ هن کان وڌيڪ ڄاڻيندو هو جيڪو هن عوام جي سامهون چيو پر هو هاڻ به ان جي سنجيدگي گهٽ ظاهر ڪرڻ چاهي ٿو ڇو ته هو ان بابت افراتفري نٿو پکيڙڻ چاهي.
بعد ۾ وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته ماڻهن ڊپ ۾ رهندي نٿو ڏسڻ چاهيان ۽ افراتفري نٿو چاهيان، اسان اعتماد ۽ همٿ جو مظاهرو ڪرڻ چاهيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔