پاڪستان دورو: زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي کان ايس او پيز گهري ورتيون

لاهور: زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان ڪووڊ 19 ايس او پيز گهري ورتيون.
زمبابوي ڪرڪيٽ ٽورنگ اسڪواڊ جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن بابت ڄاڻڻ لاءِ پي سي بي سان رابطو ڪيو آهي.
پي سي بي ترجمان موجب زمبابوي ڪرڪيٽ کي پي سي بي جي اهتمام هيٺ انتظامن جي تفصيلن جي ضرورت آهي، ڇو ته ان دوري لاءِ اين او سي حاصل ڪرڻ ضروري آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته بورڊ ايس او پيز کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ عمل ۾ مصروف آهي ته جيئن اهي زمبابوي ڪرڪيٽ کي فراهم ڪري سگهجن، اسان انگلينڊ جي تازي دوري دوران گهڻو ڪجهه سکيو ۽ هاڻ سيريز جي محفوظ ميزباني لاءِ انتظامن جي صلاحيت رکون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔