”ڪمالا هيرس جو چونڊجڻ آمريڪا لاءِ بي عزتي هوندي“

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار جو بائيڊن ۽ نائب صدارتي اميدوار ڪمالا هيرس تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته انهن جي چونڊجڻ سان ملڪ تباهه ٿي ويندو.
ڊونلڊ ٽرمپ ڪيرولينا ۾ صدارتي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته جو بائيڊن انتهاپسندن ۽ خطرناڪ عنصرن سان اتحاد ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ته آمريڪا تباهه ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته واشنگٽن جي گڏهن پنهنجي نامزدگي لاءِ اسان کي ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي ڌيءُ ايوانڪا، ڪمالا هيرس کان بهتر اميدوار آهي، آمريڪي عوام ڪمالا هيرس کي پسند نٿو ڪري، ڪمالا پهرين عورت صدر نٿي بڻجي سگهي، ان جو چونڊجڻ آمريڪا لاءِ بي عزتي جي ڳالهه هوندي.
واضح رهي ته جيڪڏهن جو بائيڊن صدارتي چونڊون کٽي ٿو ۽ 2024 ۾ ٻئي مدي لاءِ چونڊن ۾ حصو نه وٺي ته ڪمالا هيرس ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان آمريڪي صدارتي اميدوار هوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔