اسپائيڊر مين جيان ڀت تي چڙهندڙ ڀارتي ٻارڙو

نئين دهلي: اوهان مشهور ڪريڪٽر اسپائيڊر مين جي باري ۾ ته ٻڌو هوندو پر اسان اوهان کي اهڙي ٻار سان ملرائينداسين جيڪو اسپائيڊر مين جيان ڀت تي چڙهي سگهي ٿو.
هن 7 ساله ٻارڙي جو تعلق ڀارتي شهر ڪانپور سان آهي جيڪو غير معمولي طور تي ڀت تي چنبڙي چڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڀارتي ميڊيا موجب 7 ساله يشرت سنگهه ٽئين ڪلاس جو شاگرد آهي ۽ ان جو چوڻ آهي ته مان اسپائيڊر مين فلم ڏسي ان جي ڪردار کان ايترو متاثر ٿيو آهيان جو مون پاڻ به اسپائيڊر مين جيان ڀت تي چڙهڻ جي پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي.
ٻارڙي چيو ته جڏهن مون اسپائيڊر مين جي فلم ڏٺي ته مان به ان جيان ڀت تي چڙهڻ چاهيو ٿي جنهن جي لاءِ مون گهر تي ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان اڪثر ڪري پوندو هئس پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي مون اها ٽيڪنڪ حاصل ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔