ڪويت ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي گهرائي ورتو

ڪويت سٽي: ڪويت ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ پاڪستاني طبي ماهرن کي قابليت کي تسليم ڪندي کين طلب ڪري ورتو آهي.
عرب ميڊيا موجب ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان مان 439 ڄڻن تي ٻڌل طبي عملو جلد ڪويت ويندو.
ڪويتي ڪابينا پاڪستان مان طبي ٽيم جي ڪويت منتقلي لاءِ شهري هوابازي اداري کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
طبي ٽيم جي منتقلي لاءِ ڪويت جي صحت واري وزارت ۽ شهري هوابازي اداري وچ ۾ رابطو ٿيو هو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪويت ايندڙ پاڪستاني طبي عملو 96 ڊاڪٽرن، 280 نرسنگ اسٽاف ۽ 63 ٽيڪنيشنز تي ٻڌل هوندو، جيڪو 6 مهينن جي معاهدي تحت ڪم ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔