ملڪ ۾ تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر تي کولڻ يا نه کولڻ جو حتمي فيصلو اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد : ملڪ ۾ تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر تي کولجن يا في الحال معصوم ٻارڙن جي صحت کي نظر ۾ رکندي پرائمري اسڪول بند رکجن، حتمي فيصلو اڄ ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي وزيرن جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ چئني صوبن جا تعليم وارا وزير شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ چيئرمين ايڇ اي سي ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر به شريڪ ٿيندا. اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس بابت 6 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ايس او پيز سميت ٻين انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سنڌ سرڪار 15 سيپٽمبر کان هاءِ اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز کولڻ جِي تجويز رکندي، صوبائي وزير سعيد غني مڊل اسڪول 21 ۽ پرائمري اسڪول 28 سيپٽمبر کان کولڻ جِي سفارش ڪندو. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن جِي تجويزن تي مشاورت بعد تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔