گڊو ۽ سکر بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار

ڪراچي: پنجاب سوڌو اُترين علائقن ۾ برسات بعد دريائي وهڪرن ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري، گڊو ۽ سکر بئراج وٽ سنڌو درياهه ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار، ڪچي جا علائقا صرفو پتڻ، فتو پتڻ، رضا ڳوٺ، ڪچو ٻنڊي، الف ڪڍو ۽ شاهه ٻيلو پاڻي هيٺ اچي ويا، گڊو بئراج وٽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 66 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 53 هزار 453 ڪيوسڪ رڪارڊ، سکر بئراج وٽ سنڌو جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 97 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 73 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 77 هزار 617 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 76 هزار 92 ڪيوسڪ رڪارڊ، دريائي پاڻي ۾ چاڙهه بعد سکر بئراج وٽ بند ڪيل سمورا ڪئنالز کوليا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔