سڪينه سمون جي فيچر فلم انتظار ايندڙ هفتي آمريڪا ۾ ٿيندڙ هارلم انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪئي ويندي

ڪراچي : سينيئر اداڪارا، هدايتڪارا ۽ پروڊيوسر سڪينه سمون جي فيچر فلم انتظار کي ايندڙ هفتي آمريڪا ۾ ٿيل هارلم انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪئي ويندي. هلندڙ مهيني 10 کان 13 سيپٽمبر وچ ۾ آمريڪي رياست نيو يارڪ ۾ 15هون هارلم انٽرنيشنل فلم فيسٽيول منعقد ٿيندو جنهن ۾ دنيا جي 25 ملڪن جون 94 فلمون پيش ڪيون وينديون. هارلم انٽرنيشنل فلم فيسٽيول هلندڙ سال مئي ۾ رٿيل هو پر ڪورونا وبا سبب هن کي سيپٽمبر ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي. فيسٽيول ۾ مجموعي طور تي 94 فلمون ۽ ويب سيريز سميت ميوزڪ وڊيوز پيش ڪيون وينديون جن مان 47 فيچر فلمون آهن ۽ انهن ۾ پاڪستاني فلم انتظار به شامل آهي. انتظار اداڪارا سڪينه سمون جي هدايتڪار ۽ پروڊيوسر طور پهرين فلم آهي جنهن جي پهرين ٽيزر ٽريلر کي هلندڙ سال فيبروري جڏهن ته ٻئي کي جولاءِ ۾ جاري ڪيو ويو هو. اداڪارا سڪينه سمون پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فلم انتظار جو پوسٽر شيئر ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس فلم کي آمريڪا ۾ رٿيل هارلم فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيو ويندو. انتظار جي ڪهاڻي خاندان جي مجبورين جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ۾ پوڙها والدين مرڻ ڪنڌيءَ تي پنهنجي ٻارن جو انتظار ڪن ٿا ۽ موت جي ڊپ هيٺ زندگي گذارين ٿا. فلم ۾ رشتن جي اهميت ۽ نئين نسل طرفان پيرسن ماڻهن ۽ خاص طور تي والدين کي بهلائڻ ۽ والدين طرفان ٻارن جو انتظار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. فلم جي ڪاسٽ ۾ ثمينه احمد، ڪيف غزنوي، عدنان جعفر، رضا علي عابد ۽ خالد احمد شامل آهن جڏهن ته هن جي ڪهاڻي ڊر سي جاتي هي سله جهڙا ڊراما لکندڙ بي گل لکي آهي. خيال ڪيو پيو وڇي ته فلم کي هارلم فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رليز ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔