فرانسيسي ميگزين طرفان گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فرانسيسي ميگزين طرفان گستاخانه خاڪا شايع ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته اسلام فوبيا ۽ نسل پرستي جو رجحان دنيا ۾ وڌندو پيو وڃي. گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته   هن مسئلي جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته شايع ڪيل گستاخانه خاڪن سبب ڪروڙين مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا. ماڻهو مڇريل آهن. هن بناجواز حرڪت جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. پاڪستان هر عالمي فورم تي هن مسئلي   جي نشاندهي ڪئي.

وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ هن معاملي جي نشاندهي ڪئي. عالمي سطح تي ملي  اهو سوچڻ گهرجي ته اهڙن رجحانن کي ڪيئن روڪڻ گهرجي. اظهار جي آزادي جو مطلب اهو ناهي ته اوهان جي هٿ ۾ ٻين جي دل آزاري جو لائسنس اچي ويو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري هن مسئلي تي فوري طور تي قدم کڻندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔