وزيراعظم عمران خان پاران تشدد جي خاتمي وارو بل جلد اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان گهرو وزير اعجاز شاهه کي تشدد جي خاتمي وارو بل جلد اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي .

سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪيل پيغام ۾ عمران خان چيو ته هن گهرو وزارت کي جسماني اذيت خلاف اسان جي قانون واري مسودي کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي .

هن لکيو آهي ته مهذب جمهوري معاشري ۾ تشدد ناقابل قبول آهي ۽ اهو اسان جي آئين ۽ اسلام جي به بلڪل ابتڙ آهي .

عمران خان لکيو آهي ته تشدد جو خاتمو اسان جي عالمي ذميواري آهي ، ان کان اڳ سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪميٽي حراست دوران تشدد ۽ موت کي روڪڻ ۽ سزا بابت بل منظور ڪيو هو

 ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جي صدارت هيٺ ٿيو هو جنهن ۾ سينيٽر شيري رحمان بل پيش ڪيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔