ڪلڀوشن ياديو جو وڪيل مقرر ڪرڻ جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد: ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي اپيل تي اڄ اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي جڏهن ته ڀارت پاران ان معاملي تي هن وقت تائين ڪو جواب نه ڏنو ويو آهي .

ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جي حڪومتي درخواست ڪيس تي ميڊيا رپورٽنگ بابت پيمرا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو هو .

جواب ۾ چيو ويو آهي ته عدالت فيئر ٽرائل کي ڏسندي  ميڊيا رپورٽنگ ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ جي هدايت ڪئي ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت جي حوالي سان سڀني چينلن کي آگاهه ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔