جاپان، پاڪستان سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو؛ جاپاني سفير

ٽوڪيو؛ جاپان پاڪستان مان انب ، مڇي ۽ ٽيڪسٽائل مصنوعات درآمد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي.
پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ڪونيووري ميٽسودا اسلام آباد ۾ ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ سان ملاقات ۾ ان دلچسپي جو اظهار ڪيو.
جاپاني سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان ڪاروباري تعلقات وڌائڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته زرعي مصنوعات جي برآمد کي آسان بڻائڻ جي لاءِ بندرگاهن تي بندوبست ڪيا پيا وڃن.
جاپاني سفير چيو ته هن جو ملڪ قرضن جي واپسي جي سهولت ۾ پاڪستان جي مدد پڻ ڪندو ۽ ابتدائي ڪم کانپوءِ پاڪستان سان معاهدي جي يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون وينديون.
ناڻي واري صلاحڪار جاپاني سفير کي گذريل سال کان معيشت جي حالت بابت آگاهه ڪيو ۽ عالمي ڪورونا وائرس جي وبا جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ حڪومت پاران ڪوششون ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔