ٻڏي ويل ڪراچي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، وفاق ٻڌائي سنڌ لاءِ اربين روپين جا فنڊ ڪٿي آهن: شهباز شريف

ڪراچي: مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي ان تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.

وفاق ٻڌائي ته ڪراچي لاءِ آيل اربين روپين جا فنڊ ڪٿي آهن.؟ شهباز شريف چيو ته ڪراچي جون حالتون ڏسڻ لاءِ هتي آيو آهيان. برساتن ڪراچي کي سخت متاثر ڪيو آهي. وفاقي حڪومت چيو هو ته ڪراچي جي لاءِ اربين روپين جا فنڊ ڏينداسين ۽ حڪومت ڪراچي ۾ برسات جي متاثرين کي معاوضو ڏيندي.  شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب سان گڏ ڪراچي پهتو. ڪراچي پهچڻ کان پوءِ شهباز شريف چيو ته هن شهر جي روشنين کي وسامڻ نه ڏينداسين.

ڪراچي ۾ ٻوڏ سبب تباهيون ٿيون آهن امير توڙي غريب ٻوڏ جي تباهين  سبب پريشان آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي اچي سنڌ حڪومت سان گڏ ويهي ڇو ته هي وقت سياست جو نه آهي. مسئلن جي حل ڪرڻ جو وقت آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ برساتن سبب ماڻهن جا قيمتي  اثاثا ٻڏي ويا آهن. ذريعن موجب شهباز شريف جي پ  پ اڳواڻ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات شام چئين وڳي بلاول هائوس ۾ ٿيندي.  ملاقات ۾ شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي جا  اڳواڻ سياسي صورتحال ۽ آئنده جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. 

واضح رهي ته بلاول هائوس ڪراچي ۾ ڪافي وقت کان پوءِ(ن) ليگ جي اعليٰ اڳواڻن جي سربراهي ۾ وفد ملاقات جي لاءِ اچي رهيو آهي. شهباز شريف ڪراچي جي دوري دوران برسات سبب متاثر علائقن جو به دورو ڪندو. گلشن اقبال اپارٽمينٽ جي ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪندو. منظور ڪالوني ۾ اڳواڻن ۽ پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ڪندو.(ن) ليگ جي اڳواڻن موجب شهباز شريف 2018ع جي عام چونڊن ۾ بلديه ٽائون مان به حصو ورتو هو.

ان لاءِ هو بلديه ٽائون ضلع غربي جو به دورو ڪندو. جڏهن ته هو ليگي اڳواڻن سان مشاورتي اجلاس ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران شهباز شريف ايڌي فائونديشن جي اڳواڻ فيصل ايڌي سان به ملاقات ڪندو. جڏهن ته پارٽي اڳواڻن موجب هو هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ ترسڻ کان پوءِ خميس تي واپس لاهور روانو ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔