ڪراچي انتظاميه پنهنجون ٽجوڙيون ڀريون، شهر کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو: شاهه محمود قريشي

ملتان: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪراچي  جي انتظاميه پنهنجون ٽجوڙيون ڀريون ۽ شهر کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو.

ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻ ان جي منزل جبر کان آزادي آهي. ڀارت جهڙي طرح ڪشميرين جي آواز دٻائي اها  سموري دنيا ڏٺي. والاريل ڪشمير ۾ بليڪ آئوٽ لاڳيتو جاري آهي. هن چيو ته حسينيت جو فلسفو انسان کي خوف مان آزادي ڏياري ٿو ۽ والاريل ڪشمير جي عوام هن فلسفي تي عمل ڪري آزادي واري جدوجهد جاري رکي.

وادي ۾ اڄ عزاداري ۽ محرم جي جلوسن تي پابندي آهي. اتي مذهبي آزادي تي به پاببندي آهي ۽ عيد جي نماز جي به اجازت ناهي ڏني وئي. انساني حقن جي علمبردارن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻو پوندو. شاهه محمود قريشي چيو ته ماهرن جي خدشي موجب اڄ ملڪ ۾ ڪورونا متاثرين جو انگ 20 لک ٿيڻ گهرجي ها پر الله جو ڪرم ٿيو جو اڄ ملڪ ۾ 91 سيڪڙو وينٽي ليٽرز خالي آهن.

اسپتالن ۾  ڪورونا جي مريضن لاءِ قائم ڪيل خاص وارڊن تي به هاڻ دٻاءُ نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته مختلف ماهر پاڪستان پاران ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ کان پوءِ ڪيسن تي اسٽڊي ڪرڻ چاهين ٿا. ڪورونا جو خطرو اڃان ٽريو نه آهي. اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو.

امڪان آهي ته  سياري دوران ڪورونا جي ٻئي لهر اچي سگهي ٿي ان لاءِ احتياط ڪرڻ گهرجي. ڪراچي جو ذڪر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته  ڪراچي جي لاءِ دعا ڪريو. اڄ ڪراچي وارا پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. اتي سيوريج ۽ پاڻي جي نيڪالي جو ڪوبه انتظام نه ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ انتظاميه پنهنجون ٽجوڙيون ڀريون. شهر کي ان جي حال تي ڇڏي ڏنو. ڪراچي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه منصوبه بندي نه ڪئي وئي جنهن سبب اڄ ڪراچي جي حالت اهڙي ٿي وئي آهي جيڪڏهن مناسب منصوبه بندي ڪئي وڃي ها ته روشنين جو شهر تباهه نه ٿئي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔