ڪراچي ۾ پاڻي جي وهڪرن آڏو رڪاوٽ بڻيل سرڪاري ۽ نجي عمارتون ڊاهڻ جو حڪم

ڪراچي : ڪراچي ۾ پاڻي جي وهڪرن آڏو رڪاوٽ بڻيل سرڪاري ۽ نجي عمارتون ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ رنڊڪون پيدا ڪندڙ جاين جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهر جي حالت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڏکيا قدم به کڻڻ کان نه ڪيٻايو ويندو، ڪراچي ۾ برسات جي تباهڪارين بابت اجلاس دوران روينيو بورڊ کي ڪراچي جي سمورن ضلعن جي سروي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ سمورا ڊي سيز پنهنجن علائقن ۾ چوڪ ٿيل نالن جو جائزو وٺن، برساتي پاڻي ۾ نالا صاف ٿي ويندا آهن، پر ڪچري ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهن سان نالا چوڪ ٿي ويندا آهن، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔