وزيراعظم عمران خان پاران سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪراچي جا 3 اهم مسئلا حل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪراچي جي 3 اهم مسئلن کي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جا شهري هن وقت جهڙي حالتن مان گذري رهيا آهن انهن جي تڪليف سموري قوم محسوس ڪري رهي آهي.

هن تباهي ۽ تڪليفن دوران هاڻ هڪ اهم اڳڀرائي   اها ٿي آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ملي ڪراچي جي 3 وڏن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي سمورن نالن جي مڪمل صفائي ڪئي ويندي، پاڻي جي نيڪال لاءِ قائم ڪيل غيرقانوني حددخلين جو خاتمو ڪيو ويندو ۽  ڪراچي جي ڪچري ۽  پاڻي جي نيڪال واري مسئلي جو مستقل حل ڪڍيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي شهرين جي پاڻي جي فراهمي جهڙي اهم مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔