والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جاري رکندي 4 وڌيڪ نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر: والاريل ڪشمير ۾ قابض ۽ ظالم ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جاري رکندي 4 وڌيڪ نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت رياستي دهشتگردي جاري رکيو پيو اچي . رياستي دهشتگردي وارو آپريشن وادي جي شوپيان ضلعي ۾ ٿيو جتي قابض ڀارتي فوج 4 ڪشميرين کي شهيد ڪيو.
ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ، قابض ڀارتي فوج شوپيان جي علائقي ڪلورا ۾ هڪ ڪارروائي دوران نوجوانن کي شهيد ڪيو ، ان دوران قابض ڀارتي فوج جو آپريشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔