ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ 9 محرم تي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ عزاداري جو سلسلو جاري

ڪراچي : ڪربلا جي ميدان تي اسلام جي سربلندي لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ۾ 9 محرم الحرام جو ماتمي جلوس نشتر پارڪ کان ماتمي جلوس برآمد ٿيو، امام قاسم جي ميندي، ذوالجناح ۽ تعزيتن سان نڪتل ماتمي جلوس ۾ ياحسين ياحسين جون صدائون، ماتمي جلوس مقرر رستن تان ٿيندو سج لٿي کارادر ۾ امام بارگاهه ايرانيه حسينه تي نهر ٿيندو، ماتمي جلوس جي روٽس ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ڪنٽينرز رکي سيل، پوليس ۽ رينجرز جا سوين اهلڪار مقرر، روهڙي ۾ تاريخي 9 ڍالن وارو ماتمي جلوس منڊَي کبڙ جي پڙ تان برآمد، ماتمي جلوس روايتي رستن کان ٿيندو حيدر شاهه حقاني جي پڙ تي نهر ٿيندو، ياحسين ياحسين جي صدائن سان ماتمي جلوس منزل ڏانهن روان دوان، جلوس جي روٽس تي سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا آهن، پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ٿيل آهن، حيدرآباد ۾ 9 محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس انجمن گلدسته اڪبر کان برآمد، ذوالجناح، شبيهي تابوت ۽ جهولن سان برآمد ٿيل ماتمي جلوس سج لٿي طئه ٿيل منزل تي نهر ٿيندو، ڪوٽڙي ۾ قديمي امام بارگاهه تان شهزادي قاسم جي سيج ۽ ذوالجناح سان برآمد ٿيل ماتمي جلوس منزل ڏانهن روان دوان، عزادارن طرفان سينا زني ۽ زنجير زني سان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔