محرم الحرام دوران سيڪيورٽي خدشن سبب پاڪ افغان بارڊر 2 ڏينهن لاءِ بند

ڪوئٽا: محرم الحرام دوران سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي چمن ۾ پاڪ افغان بارڊر کي ٻن ڏينهن جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

سيڪيورٽي اختيارين موجب بلوچستان ۾ نائين ۽ ڏهين محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي انتظامن جي سلسلي ۾ چمن سان گڏ پاڪ افغان بارڊر باب دوستي کي ٻن ڏينهن جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

اختيارين موجب ان دوران باب دوستي  مان افغانستان سان هر قسم جي ٻطرفي واپار ۽ پنڌ اچ وڃ معطل رهندي.

پاڪ افغان بارڊر تي ايف آءِ جي اميگريشن آفيس ۽ ويزا سيڪشن  کي بند ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن به غير معمولي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوئٽه چمن روڊ تي سيڪيورٽي جا سخت قدم کنيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔