”سام سنگ پاڪستان پهريون موبائل فون پلانٽ قائم ڪندي“

اسلام آباد: وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپني سام سنگ پاڪستان ۾ پهريون موبائيل فونز اسمبلنگ پلانٽ لڳائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
ماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سام سانگ پاڪستان جي ايم ڊي ۽ سي اي او سان ملاقات جي تفصيل ٻڌائيندي لکيو ته اسمارٽ فون جي پاڪستان ۾ تياري جي سلسلي ۾ ڊيوائس جي سڃاڻپ، رجسٽريشن ۽ بلاڪنگ سسٽم (DIRBS) ۽ موبائيل پاليسي واضح ڪئي وئي
وفاقي وزير حماد اظهر وڌيڪ کليو ته سام سنگ جي اعليٰ اختيارين حڪومت پاليسي ۽ قدمن کي ساراهيندي پاڪستان ۾ پنهنجي اسمارٽ فون اسمبلنگ پلانٽ جي قيام واري عمل کي تيز ڪرڻ جو به اشارو ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔