ڀارت جو والاريل ڪشمير مان 10 هزار فوجي اهلڪارن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو

سرينگر: ڀارت جي مرڪزي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير مان سيڪيورٽي فورسز جي 100 ڪمپنين کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڀارتي خابرو اداري موجب مرڪزي حڪومت گهرو معاملن واري وزارت طرفان سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز جي 100 ڪمپنين جي دستبرداري جو فيصلو ڪيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت 10 هزار فوجي جوانن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب حڪومت اِهو فيصلو ڪشميرين کي پيغام ڏيڻ جي لاءِ ڪيو آهي.
گهرو وزارت جي حڪم موجب انهن 100 ڪمپنين ۾ سينٽرل ريزرو پوليس فورس (سي آر پي ايف) جي 40 ڪمپنين کان سواءِ بارڊر سيڪيورٽي فورسز ( بي ايس ايف)، سينٽرل انڊسٽريل سيڪيورٽي فورس (سي آءِ اي ايف) ۽ شاسترا سيمابال (ايس ايس بي) جون 20-20 ڪمپنيون شامل آهن.
ڀارتي گهرو وزارت جي طرفان سينٽرل آرمڊ پوليس فورسز (سي اي پي ايف سي) جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مقرري بابت جائزي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز جي واپسي جي فيصلي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
رپورٽ موجب سي اي پي ايف جي لڳ ڀڳ 100 ڪمپنين کي فوري طور تي دستبردار ٿي واپس ملڪ ۾ پنهنجي لاڳاپيل ماڳن ۾ هلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔